نئين عهد نامي

مرقس 14:15-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“

16. شاگرد شھر ڏانھن روانا ٿي ويا ۽ اتي ھر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌائي ھئي. سو ھنن اتي عيد فصح تيار ڪئي.

17. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو.

18. پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“

19. تنھن تي شاگرد ويچارا غمگين ٿيا ۽ عيسيٰ کان ھڪٻئي پٺيان پڇڻ لڳا تہ ”اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“

20. عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو اوھان ٻارھن مان ئي آھي، جيڪو مون سان گڏ ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي رھيو آھي.

21. ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“

22. جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“

23. پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري اھو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو.

24. تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”ھي منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي لاءِ وھائجي ٿو، جنھن سان خدا جو عھد لکيل آھي.

25. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آءٌ تيستائين وري ھيءَ مئي نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ نئين مئي نہ پيئان.“

26. پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.

27. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘

28. تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“

29. تنھن تي پطرس وراڻيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ويندس.“

30. عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“

31. تڏھن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيو تہ ”آءٌ ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ تڏھن ٻين سڀني بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

32. جڏھن اھي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ دعا گھران.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 14