نئين عهد نامي

مرقس 13:30-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي.

31. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

32. ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي.

33. ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو.

34. اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘

35. تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي.

36. ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي.

37. جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 13