نئين عهد نامي

مرقس 13:21-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح ھوڏانھن آھي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو.

22. ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.

23. ھوشيار ٿجو، آءٌ اوھان کي ھر ڳالھہ وقت کان اڳي ئي ٿو ٻڌايان.“

24. ”انھن ڏينھن ۾ مٿين مصيبتن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو.

25. تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.

26. پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.

27. پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“

28. ”اوھين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو.

29. ساڳيءَ طرح اوھين جڏھن ھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو، تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آھي.

30. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي.

31. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

32. ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي.

33. ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو.

34. اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘

35. تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي.

36. ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 13