نئين عهد نامي

مرقس 12:35-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. پوءِ جڏھن عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ ھن ھڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آھي؟‘

36. دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي ھدايت تي چيو ھو تہ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘

37. جيڪڏھن دائود پاڻ ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ ڪيئن مسيح ھن جو اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ سڄيءَ خلق عيسيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.

38. جڏھن ھن انھن کي تعليم پئي ڏني تہ چيائين تہ ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اُھي چاھين ٿا تہ بازار ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين.

39. ھو عبادت⁠خانن ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين.

40. اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ سزا ملندي.“

41. پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ چندي واري پيتيءَ جي ڀرسان ويھي رھيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻھو اُن پيتيءَ ۾ پيسا وجھن ٿا. ھن ڏٺو تہ جيڪي دولتمند ھئا سي گھڻا پيسا وجھي رھيا ھئا.

42. ايتري ۾ ھڪ غريب رن⁠زال آئي جنھن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا.

43. تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن غريب رن⁠زال چندي جي پيتيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڌو آھي.

44. ڇالاءِ⁠جو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رن⁠زال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 12