نئين عهد نامي

مرقس 12:23-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. ھاڻي ٻڌايو تہ جڏھن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي، ڇالاءِ⁠جو ستن ئي ھن سان شادي ڪئي ھئي؟“

24. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.

25. ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تڏھن اُھي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي بہ ھوندا.

26. مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟

27. ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي. پر اوھين سخت ڀليل آھيو.“

28. شريعت جو ھڪڙو عالم آيو ۽ ھنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آھي. تڏھن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“

29. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پھريون وڏو حڪم ھي آھي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، خداوند اسان جو خدا ھڪڙو ئي خداوند آھي.

30. تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄي جان، پنھنجي سمجھہ ۽ پنھنجي سڄيءَ طاقت سان پيار ڪر.‘

31. ٻيو حڪم ھي آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘ انھن ٻن حڪمن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونھي.“

32. تنھن تي شريعت جي عالم عيسيٰ کي چيو تہ ”استاد! واھہ جي ڳالھہ ڪئي اٿوَ، بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي ۽ انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونھي.

33. سو ضروري آھي تہ انسان انھيءَ کي ئي ساريءَ دل، سڄي سمجھہ ۽ سڄيءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جھڙو پيار ڪري. اھو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان⁠گاھہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آھي.“

34. عيسيٰ ڏٺو تہ ھن سياڻپ جو جواب ڏنو آھي. تنھنڪري کيس چيائين تہ ”تون خدا جي بادشاھت کان پري نہ آھين.“ انھيءَ کان پوءِ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي تہ عيسيٰ کان وڌيڪ ڪي سوال پڇي سگھي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 12