نئين عهد نامي

مرقس 12:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پوءِ عيسيٰ انھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنھن ماڻھوءَ انگورن جو ھڪ باغ لڳايو. انھيءَ جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين. رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ھڪڙو ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ اھو باغ باغائين ک ي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.

2. جڏھن انگورن لھڻ جي مند آئي تہ باغائين ڏانھن ھڪڙو نوڪر موڪليائين تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي.

3. باغائين انھيءَ نوڪر کي مار ڏيئي خالي ھٿين روانو ڪري ڇڏيو.

4. تنھن تي ھن انھن ڏانھن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس.

5. مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انھن ھن کي ماري وڌو، پوءِ ھن ٻين ڪيترن ئي کي موڪليو، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.

6. باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.

7. پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

8. پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“

9. تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.

10. ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.

11. اھو خدا جي طرفان ڪيو ويو،۽ اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آھي.‘“

12. يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.

13. ڪي فريسي ۽ ڪي ھيروديس جي پارٽيءَ جا ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا ويا تہ کيس ڳالھائڻ ۾ ڦاسائين.

14. اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 12