نئين عهد نامي

مرقس 11:11-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيت⁠عنياہ ڏانھن ھليو ويو.

12. ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھو بيت⁠عنياہ کان موٽي رھيا ھئا تہ عيسيٰ کي بک لڳي.

13. ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ انجيرن جي مند نہ ھئي.

14. تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.

15. جڏھن اُھي يروشلم ۾ پھتا تہ عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي اتان ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين،

16. ۽ ڪنھن کي بہ ھيڪل مان سامان کڻي وڃڻ نہ ڏنائين.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 11