11. عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيتعنياہ ڏانھن ھليو ويو.
12. ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھو بيتعنياہ کان موٽي رھيا ھئا تہ عيسيٰ کي بک لڳي.
13. ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻتہ انجيرن جي مند نہ ھئي.
14. تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.