1. جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن وٽ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو،
2. ۽ چيائين تہ ”سامھون واري ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن ان ڳوٺ ۾ ويندءُ تہ اُتي ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندءُ، جنھن تي اڃا ڪنھن بہ سواري نہ ڪئي ھوندي. انھيءَ کي ڇوڙي ھيڏانھن ڪاھي اچو،
3. ۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“
4. سو ھو روانا ٿي ويا ۽ کودڙي کي گھٽيءَ ۾ ھڪڙي دروازي جي ٻاھران ٻڌل ڏٺائون ۽ جيئن ئي ڇوڙيائون پئي
5. تہ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن انھن کي چيو تہ ”ھي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“
6. تنھن تي انھن ائين ئي جواب ڏنو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو. تڏھن انھن موڪل ڏنن.
7. اُھي کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ انھيءَ تي پنھنجا ڪپڙا وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙھي ويٺو.
8. ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پھراڻ رستي تي وڇائي ڇڏيا ۽ ڪن وري ٻنين مان وڻن جون ٽاريون پٽي آڻي پکيڙي ڇڏيون.
9. جيڪي ماڻھو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي ھليا تن وڏي واڪي پئي چيو تہ”خدا جي واکاڻ ھجي،سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي.