نئين عهد نامي

مرقس 10:43-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

43. پر اوھان ۾ ائين نہ آھي. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو خدمتگار ٿئي،

44. ۽ جيڪو اوھان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو سڀني جو غلام ٿئي.

45. ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“

46. پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو.

47. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

48. ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

49. تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“

50. تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.

51. عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“

52. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 10