نئين عهد نامي

مرقس 10:30-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.

31. پر ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“

32. عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

33. عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا.

34. اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

35. پوءِ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين چاھيون ٿا تہ اوھين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“

36. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين مون کان پنھنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“

37. انھن چيو تہ ”اسين چاھيون ٿا تہ جڏھن اوھين پنھنجي بادشاھت جي جلوي سان تخت تي ويھو تڏھن اوھين اسان کي اجازت ڏيو تہ ھڪڙو اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو اوھان جي کاٻي پاسي ويھي.“

38. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“

39. انھن چيو تہ ”ھائو ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين بہ اھو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي ۽ اوھين بہ اھا بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آھي.

40. پر منھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ، اھو منھنجي اختيار ۾ نہ آھي، بلڪ انھن جڳھن تي انھن کي ئي ويھاريو ويندو جن جي لاءِ اھي تيار ڪيون ويون آھن.“

41. جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 10