نئين عهد نامي

مرقس 10:25-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“

26. تنھن تي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“

27. عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“

28. پوءِ پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسان تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون.“

29. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،

30. تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.

31. پر ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“

32. عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

33. عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا.

34. اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

35. پوءِ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين چاھيون ٿا تہ اوھين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 10