نئين عهد نامي

مرقس 10:21-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

22. اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

23. عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“

24. ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.

25. اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“

26. تنھن تي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“

27. عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“

28. پوءِ پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسان تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون.“

29. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،

30. تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 10