نئين عهد نامي

مرقس 1:25-45 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“

26. ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو.

27. تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“

28. جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.

29. ان کان پوءِ ھو عبادت⁠خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا.

30. شمعون جي سس بخار سبب بستري ۾ پيئي ھئي. سو جيئن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس ان بابت ٻڌايائون.

31. عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي.

32. جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا.

33. سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو.

34. عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِ⁠جو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.

35. صبح جو سوير بلڪل انڌاري ۾ ئي عيسيٰ اٿي ٻاھر نڪري ويو ۽ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي وڃي دعا گھريائين.

36. شمعون ۽ سندس ساٿي عيسيٰ کي ڳوليندا رھيا

37. ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ کيس چيائون تہ ”ھر ڪو اوھان کي ڳولي رھيو آھي.“

38. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ھلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شھرن ۾ ھلون، جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇوتہ انھيءَ ئي سبب ڪري آءٌ آيو آھيان.“

39. پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادت⁠خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.

40. ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

41. عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“

42. تڏھن ھڪدم ھن کان ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو ۽ ھو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو.

43. عيسيٰ سختيءَ سان تاڪيد ڪري روانو ڪيس تہ

44. ”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“

45. پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 1