نئين عهد نامي

مرقس 1:13-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.

14. يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ

15. ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“

16. جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رھيو ھو تہ کيس ٻہ مھاڻا، شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا.

17. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“

18. سو ھو ھڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

19. ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.

20. عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.

21. پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

22. ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو.

23. ايتري ۾ ڀوت ورتل ھڪڙو ماڻھو عبادت⁠خاني ۾ آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ

24. ”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“

25. پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“

26. ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو.

27. تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“

28. جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.

29. ان کان پوءِ ھو عبادت⁠خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 1