نئين عهد نامي

متي 9:21-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“

22. عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.

23. پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي.

24. تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“

25. سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي.

26. ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.

27. جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“

28. پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“

29. عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“

30. تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“

31. پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.

32. جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو.

33. جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“

34. پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 9