نئين عهد نامي

متي 9:15-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.

16. ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.

17. نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“

18. جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“

19. تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو.

20. واٽ تي ڪا عورت ھئي جنھن کي ٻارھن سالن کان رت پيو ايندو ھو. ھوءَ عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين.

21. ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“

22. عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.

23. پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي.

24. تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 9