نئين عهد نامي

متي 8:19-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ھڪ شريعت جو عالم عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي استاد! جيڏانھن اوھين ويندا اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“

20. عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

21. ھڪڙو ٻيو ماڻھو، جيڪو سندس شاگرد ھو، تنھن چيس تہ ”سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو، جيستائين آءٌ پنھنجي پتا کي دفنائي اچان.“

22. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“

23. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو تہ سندس شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.

24. اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اھڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي، ان وقت يسوع اگھور ننڊ ۾ ھو.

25. تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“

26. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

27. اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“

28. پوءِ عيسيٰ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اھي ٻئي اھڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل ھئا جو ڪوبہ ماڻھو انھيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو ھو.

29. عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“

30. ويجھو ئي سوئرن جو ھڪ وڏو ڌڻ چري رھيو ھو.

31. ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏھن اوھين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“

32. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏھن اھي نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ لاھيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 8