نئين عهد نامي

متي 8:15-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.

16. جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

17. ھن اھو ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي ان قول کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ”ھن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون ۽ اسان جا مرض پنھنجي سر تي کنيا.“

18. عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ کيس ويڙھي ويو آھي، سو ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ڍنڍ جي ھن ڀر ھلو.“

19. ھڪ شريعت جو عالم عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي استاد! جيڏانھن اوھين ويندا اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“

20. عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

21. ھڪڙو ٻيو ماڻھو، جيڪو سندس شاگرد ھو، تنھن چيس تہ ”سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو، جيستائين آءٌ پنھنجي پتا کي دفنائي اچان.“

22. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“

23. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو تہ سندس شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.

24. اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اھڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي، ان وقت يسوع اگھور ننڊ ۾ ھو.

25. تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“

26. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

27. اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 8