نئين عهد نامي

متي 7:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي.

2. ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.

3. اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟

مڪمل باب پڙهڻ متي 7