نئين عهد نامي

متي 7:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي.

2. ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.

3. اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟

4. اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟

5. اي رياڪارو! اوھين پھريائين پنھنجي اک مان شھتير ڪڍو تہ پوءِ اوھين پنھنجي ڀاءُ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.

6. پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“

7. ”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ ۽ در کڙڪايو تہ کليوَ.

8. ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.

9. ڇا اوھان ۾ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار ماني گھري تہ ھو پٿر ڏئيس؟

10. يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟

11. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!

12. جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“

13. ”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن.

14. پر اھو دروازو سوڙھو آھي ۽ اھو رستو تنگ آھي جيڪو زندگيءَ ڏانھن وڃي ٿو ۽ جن کان اھو لڀي ٿو سي پڻ ٿورا آھن.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 7