نئين عهد نامي

متي 6:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي.

9. تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،

10. ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،تيئن زمين تي بہ ٿئي.

11. اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.

12. اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.

13. اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘

14. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.

15. پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“

16. ”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

17. پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،

18. تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 6