نئين عهد نامي

متي 6:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.

2. تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

3. جڏھن اوھين خيرات ڏيو تہ اوھان جي کاٻي ھٿ کي اھا خبر نہ پوي تہ ساڄو ھٿ ڇا ٿو ڪري،

4. تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“

5. ”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.

6. پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.

7. اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.

8. سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي.

9. تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،

10. ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،تيئن زمين تي بہ ٿئي.

11. اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.

12. اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.

13. اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘

14. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 6