نئين عهد نامي

متي 5:33-48 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘

34. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ⁠جو اھو خدا جو تخت آھي

35. ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي

36. ۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.

37. پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“

38. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘

39. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

40. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.

41. جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.

42. جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“

43. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘

44. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،

45. تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِ⁠جو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو.

46. جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

47. وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.

48. سو اوھين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 5