نئين عهد نامي

متي 5:10-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

11. سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،

12. ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“

13. ”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.

14. اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو.

15. ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ھو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي روشني پھچي ٿي.

16. ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“

17. ”اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت ۽ نبين جي صحيفن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. آءٌ انھن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آھيان.

18. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي.

19. تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو.

20. ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اوھان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوھين ڪنھن بہ طرح آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“

21. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني جي ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو تہ ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.‘

22. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.

23. تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي،

24. تہ پنھنجو نذرانو اتي قربان⁠گاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ.

25. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين.

26. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 5