نئين عهد نامي

متي 5:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.

2. ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ

3. ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن،ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

4. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن،ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.

5. سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن،ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو.

6. سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن،ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.

7. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا،ڇالاءِ⁠جو خدا انھن تي رحم ڪندو.

8. سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن،ڇالاءِ⁠جو اھي خدا کي ڏسندا.

9. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا،ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.

10. سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا،ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

11. سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،

12. ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“

13. ”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 5