نئين عهد نامي

متي 4:8-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس،

9. ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“

10. تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

11. پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.

12. جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.

13. ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.

14. اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ

15. ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقوجيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي،غير قومن وارو گليل آھي،

16. اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا،تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي.ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا،تن تي روشني ظاھر ٿي.“

17. سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“

18. جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِ⁠جو ھو مھاڻا ھئا.

19. عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 4