نئين عهد نامي

متي 3:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ

2. ”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“

3. يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“

مڪمل باب پڙهڻ متي 3