نئين عهد نامي

متي 28:11-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون.

12. سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن

13. اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“

14. ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“

15. پھريدارن پيسا ورتا ۽ جيئن کين چيو ويو ھو تيئن ئي ڪيائون. ان ئي ڏينھن کان وٺي اھا ڳالھہ يھودين ۾ ھُلي ويئي آھي ۽ اڃا تائين مشھور آھي.

16. يارھن ئي شاگرد گليل ۾ انھيءَ جبل ڏانھن ويا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو ھون.

17. جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو.

18. عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.

19. تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،

20. ۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 28