نئين عهد نامي

متي 27:40-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

40. ”تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين، ھاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي تہ ڏيکار.“

41. ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ

42. ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.

43. ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“

44. جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.

45. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.

46. ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

47. جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“

48. انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.

49. پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“

50. عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.

51. انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا.

52. قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 27