نئين عهد نامي

متي 27:35-48 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. سپاھين کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون.

36. ان کان پوءِ اُھي اُتي ويھي رھيا ۽ ھن تي پھرو ڏيڻ لڳا.

37. انھن ھن جي مٿان اھو الزام لکي ھنيو تہ ”ھي يھودين جو بادشاھہ عيسيٰ آھي.“

38. پوءِ عيسيٰ سان گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.

39. جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ

40. ”تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين، ھاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي تہ ڏيکار.“

41. ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ

42. ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.

43. ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“

44. جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.

45. منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.

46. ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

47. جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“

48. انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.

مڪمل باب پڙهڻ متي 27