نئين عهد نامي

متي 27:29-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

30. پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.

31. جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

32. جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.

33. پوءِ ھو گلگٿا نالي ھڪڙي جاءِ تي پھتا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ“.

34. انھن عيسيٰ کي ڪوڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏھن ھن اھو چکيو تڏھن پيئڻ کان انڪار ڪيائين.

35. سپاھين کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون.

36. ان کان پوءِ اُھي اُتي ويھي رھيا ۽ ھن تي پھرو ڏيڻ لڳا.

37. انھن ھن جي مٿان اھو الزام لکي ھنيو تہ ”ھي يھودين جو بادشاھہ عيسيٰ آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 27