نئين عهد نامي

متي 27:18-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.

19. اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِ⁠جو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“

20. پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.

21. گورنر انھن کان پڇيو تہ ”ھنن ٻنھي مان اوھان جي خاطر ڪنھن کي آزاد ڪريان؟“ انھن وراڻيو تہ ”برابا کي!“

22. تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

23. تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

24. تنھنڪري جڏھن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آھي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏھن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻھن جي اڳيان پنھنجا ھٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ ھن ماڻھوءَ جي خون کان آجو آھيان. اھا اوھان جي ذميواري آھي.“

25. سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“

26. پوءِ پلاطس برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو. پر عيسيٰ کي ھن چھبڪ ھڻائي ماڻھن جي حوالي ڪيو تہ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

27. پوءِ سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا ۽ سمورا سپاھي ھن جي چوڌاري ڦري آيا.

28. انھن عيسيٰ جا ڪپڙا لھرايا ۽ ھڪڙو قرمزي جبو ڍڪايائونس.

29. تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

مڪمل باب پڙهڻ متي 27