نئين عهد نامي

متي 27:14-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. پر عيسيٰ جواب ۾ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنھن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.

15. گورنر جو اھو دستور ھوندو ھو تہ عيد فصح جي موقعي تي ھو ھڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس.

16. انھن ڏينھن ۾ ھڪ مشھور ماڻھو قيد ٿيل ھو، جنھن جو نالو برابا ھو.

17. پوءِ جڏھن ماڻھو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوھان جي خاطر آءٌ ڪنھن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“

18. ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.

19. اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِ⁠جو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“

20. پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.

21. گورنر انھن کان پڇيو تہ ”ھنن ٻنھي مان اوھان جي خاطر ڪنھن کي آزاد ڪريان؟“ انھن وراڻيو تہ ”برابا کي!“

مڪمل باب پڙهڻ متي 27