نئين عهد نامي

متي 27:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا.

2. سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

3. جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو.

4. ھن کين چيو تہ ”مون اھو گناھہ ڪيو آھي جو ھڪ بي⁠گناھہ کي پڪڙايو اٿم.“ پر انھن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪھڙو واسطو؟ اھو تہ تنھنجو ئي ڪم آھي سو تون ئي ڄاڻ.“

5. يھوداہ اھي پيسا ھيڪل ۾ ڦٽا ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاھو ڏنائين.

6. پوءِ سردار ڪاھنن اھي سڪا کڻي چيو تہ ”ھي پيسا خون جي بھا آھي، تنھنڪري انھن پيسن کي ھيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آھي.“

7. سو ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انھن پيسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاھين.

8. اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اھا زمين ”رت جو ميدان“ سڏبي آھي.

9. اھڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿيو تہ ”انھن اھي ٽيھہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل سندس مُلھہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 27