نئين عهد نامي

متي 26:64-69 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

64. عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“

65. انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.

66. اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ھي ڏوھي آھي ۽ ھن کي مارڻ کپي.“

67. پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون

68. ۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“

69. پطرس ٻاھر اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ ”تون بہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ ھئين.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 26