نئين عهد نامي

متي 26:12-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. جڏھن ھن منھنجي جسم تي عطر ھاريو تہ ھن مون کي دفن لاءِ تيار ڪيو.

13. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

14. پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو،

15. ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا.

16. ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.

17. بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“

18. عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“

19. شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.

20. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.

21. ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 26