نئين عهد نامي

متي 26:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

2. ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“

3. ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

4. ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،

5. پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“

6. جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ

7. ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو.

8. شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

مڪمل باب پڙهڻ متي 26