نئين عهد نامي

متي 25:9-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آھي جو اسان ۽ اوھان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوھين وڃي دڪان تان پنھنجي لاءِ تيل وٺي اچو.‘

10. تنھنڪري اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون پئي تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پھتو. پنج ڇوڪريون جيڪي تيار ھيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي محفل ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.

11. تنھن کان پوءِ ٻيون ڇوڪريون بہ پھتيون ۽ چوڻ لڳيون تہ ’اي سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘

12. پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘

13. تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“

14. ”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين.

15. ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو.

16. جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين.

17. اھڙيءَ طرح جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن بہ ٻہ ھزار ٻيا ڪمايا.

18. پر جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن زمين ۾ کڏ کوٽي پنھنجي مالڪ جا پيسا پوري ڇڏيا.

19. گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انھن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انھن کان حساب وٺڻ لڳو.

20. جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘

21. تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘

22. پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘

مڪمل باب پڙهڻ متي 25