نئين عهد نامي

متي 25:42-45 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

42. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو.

43. جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘

44. پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘

45. تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 25