نئين عهد نامي

متي 25:35-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو.

36. آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘

37. تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟

38. ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟

39. ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘

40. بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘

41. پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.

42. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 25