نئين عهد نامي

متي 25:23-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. تنھن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘

24. پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو.

25. تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘

مڪمل باب پڙهڻ متي 25