نئين عهد نامي

متي 25:11-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. تنھن کان پوءِ ٻيون ڇوڪريون بہ پھتيون ۽ چوڻ لڳيون تہ ’اي سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘

12. پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘

13. تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“

14. ”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين.

15. ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو.

16. جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين.

17. اھڙيءَ طرح جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن بہ ٻہ ھزار ٻيا ڪمايا.

18. پر جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن زمين ۾ کڏ کوٽي پنھنجي مالڪ جا پيسا پوري ڇڏيا.

19. گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انھن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انھن کان حساب وٺڻ لڳو.

20. جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘

مڪمل باب پڙهڻ متي 25