نئين عهد نامي

متي 24:40-51 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

40. انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

41. جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

42. تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.

43. انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.

44. انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ابن⁠آدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“

45. ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟

46. سڀاڳو آھي اھو نوڪر جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.

47. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

48. پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،

49. ۽ اچي پنھنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي،

50. تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ئي ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي.

51. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي رياڪارن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس، جتي ھو رڙيون ڪندو ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽيندو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 24