نئين عهد نامي

متي 24:4-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي،

5. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا .

6. اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِ⁠جو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.

7. قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.

8. پر اھي سڀ ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات ھونديون.

9. پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.

10. ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا.

11. ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا.

12. بڇڙائي وڌي ويندي، تنھنڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو.

13. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.

14. بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“

15. ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي مقدس جاءِ ۾ بيٺل ڏسو، جنھن بابت دانيال نبي ٻڌائي ويو آھي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.)

16. تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن.

17. جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي،

18. ۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.

19. انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

20. خدا کان دعا گھرو تہ شل اوھان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينھن نہ ٿئي.

21. ڇالاءِ⁠جو ان وقت وڏي مصيبت ايندي، اھڙي مصيبت جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.

22. سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو.

23. پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي،‘ يا ’مسيح ھوڏانھن آھي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،

مڪمل باب پڙهڻ متي 24