نئين عهد نامي

متي 24:37-47 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. جيئن نوح جي ڏينھن ۾ ٿيو، تيئن ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ٿيندو.

38. ڇالاءِ⁠جو انھن ڏينھن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻھو کائيندا پيئندا رھيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، تان جو اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.

39. جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو.

40. انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

41. جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

42. تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.

43. انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.

44. انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ابن⁠آدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“

45. ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟

46. سڀاڳو آھي اھو نوڪر جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي.

47. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 24