نئين عهد نامي

متي 24:34-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.

35. زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

36. ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي.

37. جيئن نوح جي ڏينھن ۾ ٿيو، تيئن ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ٿيندو.

38. ڇالاءِ⁠جو انھن ڏينھن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻھو کائيندا پيئندا رھيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، تان جو اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.

39. جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو.

40. انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

41. جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 24