نئين عهد نامي

متي 24:23-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي،‘ يا ’مسيح ھوڏانھن آھي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،

24. ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.

25. ڏسو، مون اڳ ۾ ئي اوھان کي اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي.

26. يا جيڪڏھن ھو اوھان کي چون تہ ’ڏسو، ھو رڻ⁠پٽ ۾ آھي‘ تہ متان ٻاھر نڪتا آھيو يا وري ھو چون تہ ’اِجھو، ھو اندرين ڪمري ۾ لڪل آھي‘ تہ يقين نہ ڪجو.

27. ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي.

28. جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“

29. ”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.

30. پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.

31. تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 24