نئين عهد نامي

متي 24:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ھن چيو تہ ”برابر، ھي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“

3. عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“

4. عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي،

5. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا .

6. اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِ⁠جو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.

7. قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.

8. پر اھي سڀ ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات ھونديون.

9. پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.

10. ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا.

11. ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 24