نئين عهد نامي

متي 24:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ ھيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس آيا تہ جيئن کيس ھيڪل جون عمارتون ڏيکارين.

2. ھن چيو تہ ”برابر، ھي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“

3. عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“

4. عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي،

5. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا .

6. اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِ⁠جو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.

7. قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 24